پهريون ڀيرو ”ڊرٽي پوليٽڪس“ ۾ عورت جو مرڪزي ڪردار ادا ڪري رهي آهيان: مليڪا شيراوت

ممبئي(شوبز نيوز): بالي ووڊ ۾ پنهنجي گليمرس رول ۽ تڪراري بيانن سبب شهرت رکندڙ اداڪاره مليڪا شيراوت گذريل ٻن سالن کان اوچتو وڏي اسڪرين تان غائب رهي آهي پر هاڻ هوءَ نئين فلم ڊرٽي پوليٽڪس سان هڪ ڀيرو ٻيهر فلمي دنيا ۾ واپس اچي رهي آهي ۽ خاص ڳالهه آهي ته هوءَ ان نئين فلم ۾ مرڪزي ڪردار ادا ڪندي نظر ايندي جيڪا ڪنهن هيرو بجاءِ هڪ عورت جي مرڪزي ڪردار واري فلم آهي گذريل ڏينهن ان فلم جو ٽريلر جاري ڪيو ويو ان موقعي تي مليڪا شيراوت ان فلم ۾ ڪم ڪرڻ دوران پنهنجي جذبن ۽ بالي ووڊ ۾ کان پري رهڻ جو سبب به ٻڌايو مليڪا شيراوت ٻڌايو ته آئون ڊائريڪٽر ڪي سي بوڪادياجي جو شڪريو ادا ڪرڻ چاهينديس جنهن مون کي ان عورت جي مرڪزي والري فلم لاءِ چونڊيو عام طور تي مون ان طرح جو ڪردار ڪڏهن به ادا ناهي ڪيو ڇو ته مون کان هميشه گليمرس رول ئي ڪرايا ويندا آهن هي منهنجي زندگي ۾ ملڻ وارو واحد موقعو هو ۽ آئون پاڻ به اهڙي ئي ڪنهن فلم جي انتظار ۾ هيس.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *