پريانڪا چوپڙا باجي رائو مستاني فلم جي سيٽ تي هوش سنڀالي نه سگهي

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪارا پريانڪا چوپرا فلم جي شوٽنگ دوران بيهوش ٿي ڪري پئي، ڀارتي ميڊيائي رپورٽن موجب پريانڪا چوپڙا پنهنجي نئين ايندڙ فلم ”باجي رائو مستان ي“ جي شوٽنگ ۾ مصروف هئي ته هن ڪيمرا سامهون پنهنجو سين فلمرائڻ کان اڳ مٿي جي سور جي شڪايت ڪئي ۽ پوءِ شوٽنگ دوران اوچتو سيٽ تي ڪري پئي ۽ بيهوش ٿي وئي، پريانڪا چوپڙا جي بيهوش ٿيڻ سبب فلم جي شوٽنگ روڪي وئي ۽ اداڪارا کي طبي معائني لاءِ فوري طور ڊاڪٽر کي گھرايو ويو، ڊاڪٽر جو چوڻ هو ته لاڳيتو شوٽنگ جي ٿڪ سبب هوءِ بيهوش ٿي، واضح رهي ته گذريل ڏينهن پريانڪا چوپڙا فلم ”باجي رائو مستاني“ جي شوٽنگ بابت سماجي رابطن واري ويب سائيٽ تي چيو هو ته فلم جي شوٽنگ ختم ڪري سمهڻ ويندي آهيان ته ٿڪ کان چور ٿي بستري تي ڪري پوندي آهيان ۽ پوءِ ڪو هوش ناهي رهندو، ۽ اهو به ته فلم ۾ مان ڏکيو ترين ڪردار ادا ڪري رهي آهيان.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *