پروڊيوسر جي حيثيت سان فيصلو ڪرڻ تي ڏاڍو خوش آهيان: پريانڪا چوپڙا

ممبئي(شوبز نيوز)بالي ووڊ اداڪاره پريانڪا چوپڙا اداڪاري سان گڏوگڏ پهريون ڀيرو ڪنهن فلم لاءِ پروڊيوسر جا فرض سرانجام به ڏئي رهي آهي هن جو چوڻ آهي ته آئون فلم ماادام جي لاءِ پروڊيوسر طور فيصلو ڪرڻ سان تمام گهڻو لطف اندوز ٿي رهي آهيان، هڪ انٽرويو ۾ پريانڪا چوپڙا چيو آهي ته ماڻهو چوندا آهن ته هڪ عورت ڪڏهن به پروڊڪشن هائوس نه ٿي هلائي سگهي پر هاڻ آئون اداڪاره ۽ گلوڪاره سان گڏوگڏ پروڊيوسر به بڻجي وئي آهيان ۽ پنهنجي پروڊڪشن هائوس پرپل پيبل پڪچرز جي بينر هيٺ فلم مادام بڻائي رهي آهيان هي فلم هڪ غير حقيقي ڪهاڻي تي ٺهيل آهي جنهن ۾ هڪ اهڙي آئٽم گرل کي ڏيکاريو ويندو جنهن کي سياست ۾ ميدان ۾ ڌڪيو ويندو آهي آئون وڏي بجيٽ تي فلم ٺاهڻ جي قابل ناهيان پر منهنجي ڪوشش آهي ته ان ننڍي فلم ۾ وڏو ٽيلينٽ ڏيکاري سگهان  اداڪاره جو چوڻ هو ته پنهنجي ان فلم جي سلسلي ۾ ڪيترن ئي هدايتڪارن ۽ اداڪارن سان به ملاقات ڪري چڪي آهيان ۽ مون کي پروڊيوسر طور فيصلو ڪرڻ تي تمام گهڻو مزو اچي رهيو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *