پاڪستان ۾ ڀارتي فلمن جي نمائش تي بندش لڳائي وڃي؛ بابر علي

لاهور (شوبز نيوز) اداڪار بابر علي چيو آهي ته پاڪستان ۾ ڀارتي فلمن جي نمائش اسان جي انڊسٽريءَ جون پاڙون پٽي رهي آهي. حڪومت کي به ان جو سخت نوٽيس وٺڻ گهرجي. ڀارتي فلمن اڳيان اکيون بند ڪري انهن جي سينمائن ۾ نمائش ڪرائي پئي وڃي. بابر علي چيو ته پاڪستان جي بدقسمتي آهي ته اتي ماڻهو ملڪ ۽ قوم بدران ذاتي مقصدن کي ترجيح ڏئي رهيا آهن، اهو ئي سبب آهي ته اڄ اسان تباهي کي منهن ڏئي رهيا آهيون. هن چيو ته ڀارتي فلمن جي نمائش پاڪستاني انڊسٽري کي وڏو نقصان پهچائي رهي آهي، ان کي بند ٿيڻ گهرجي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *