پاڪستان ڄائي آمريڪي ماڊل سعيده امتياز جي پهرين بالي ووڊ فلم رليز لاءِ تيار

لاهور(شوبز نيوز)پاڪستان ڄائي آمريڪن اداڪاره ۽ ماڊل سعيده امتياز جي بالي ووڊ ۾ پهرين فلم ريڊرم جي شوٽنگ ۽ پوسٽ پروڊڪشن مڪمل ٿيڻ کانپوءِ تشهيري مهم جو شيڊول ترتيب ڏنو ويو آهي فلم ۾ مرڪزي ڪردار ادا ڪندڙ سعيده امتياز تشهيري مهم ۾ حصو وٺڻ لاءِ ايندڙ مهيني ممبئي پهچندي، جتي هوءَ فلم جي باقاعده تشهيري مهم جي شروعات ڪندي، جڏهن ته فلم کي دنيا جي ڪجهه ملڪن ۾ رليز ڪرڻ لاءِ هوءَ برطانيه ۽ مڊل ايسٽ سميت ٻين ملڪن ۾ به ويندي، ياد رهي ته سعيده امتياز اڳوڻي ڪرڪيٽ عمران خان جي زندگي تي ٺهندڙفلم ڪپتان ۾ جمائمه جو ڪردار ادا ڪري چڪي آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *