پاڪستان مخالف ڀارتي فلم ”فينٽم“ جي ملڪ ۾ نمائش روڪڻ جو حڪم

لاهور (شوبز نيوز) لاهور هاءِ ڪورٽ پاڪستان مخالف ڀارتي فلم ”فينٽم“ جي ملڪ ۾ نمائش روڪڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. خابرو ادارن جي رپورٽ موجب ڀارتي فلم ”فينٽم“ جي ملڪ ۾ نمائش تي لاهور هاءِ ڪورٽ پابندي لڳائيندي جماعة الدعوه جي امير حافظ سعيد جي درخواست تي فيصلو محفوظ ڪري ڇڏيو. درخواست ۾ مؤقف اختيار ڪيو ويو هو ته ڀارتي فلم پاڪستان خلاف نفرت ڏياريندڙ ۽ چڙ ڏياريندڙ مواد تي ٻڌل آهي، جنهن ۾ پاڪستان جي خلاف خراب پروپئگينڊا ڪندي ملڪ خلاف جذبات ڀڙڪائڻ جي شرمناڪ ڪوشش ڪئي وئي آهي. درخواست جي ٻڌڻي جسٽس شاهد بلال تي ٻڌل لاهور هائيڪورٽ جي بينچ ڀارتي فلم جي نمائش تي پابندي لاءِ جماعة الدعوه جي امير حافظ محمد سعيد پاران داخل ڪيل درخواست جي ٻڌڻي ڪئي. ان موقعي تي پٽيشنر جي وڪيل اي ڪي ڊوگر ايڊووڪيٽ ٻڌايو ته ڀارتي فلم پاڪستان ۽ اسلام جي خلاف آهي، فلم ۾ پٽيشنر حافظ سعيد جي ڪردار ڪشي ڪئي وئي آهي. هن شڪ ظاهر ڪيو ته ان فلم جي پاڪستان ۾ نمائش وڳوڙ پکيڙيندي. وفاقي حڪومت طرفان عدالت کي ٻڌايو ويو ته ان فلم جي پاڪستان ۾ نمائش جي اجازت لاءِ درخواست ناهي ملي ۽ درخواست کان سواءِ اين او سي جاري نه ٿي ڪري سگهجي. ڌرين جا دليل ٻڌڻ کان پوءِ عدالت درخواست تي ٻڌڻي مڪمل ڪندي فيصلو محفوظ ڪندي پاڪستان ۾ ”فينٽم“ جي نمائش تي پابندي هڻي ڇڏي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *