پاڪستاني ڊرامن جو مداح آهيان: انيل ڪپور

ممبئي (شوبز نيوز) ڀارتي اداڪار ۽ فلم پروڊيوسر انيل ڪپور چيو آهي ته پاڪستاني فنڪارن پنهنجي اداڪاري سان ڀارتي فلم انڊسٽري کي متاثر ڪيو آهي ان کان علاوه هو خود پاڪستاني ڊرامن جو مداح آهي. ممبئي جي هڪ خانگي ٽي وي سان ملاقات ۾ ڳالهائيندي انيل ڪپور جو چوڻ هو ته فواد خان ۽ ثونم ڪپور ڀارتي فلم خوبصورت ۾ ان جي سوچ مطابق ڪم ڪيو آهي کيس ٻنهي فنڪارن جي ڪم متاثر ڪيو ۽ فواد جي اداڪاري فلم کي چار چنڊ لڳائي ڇڏيا آهن جنهن کي ڀارتي اعوام به گهڻو پسند ڪيو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *