پاپ موسيقي جي شهنشاهه مائيڪل جيڪسن جي 6 هين ورسي ملهائي وئي

نيويارڪ (شوبز نيوز): پاپ موسيقي جي شهنشاهه مائيڪل جيڪسن جي 6 هين ورسي ملهائي وئي، پنهنجي منفرد انداز سان پاپ موسيقي پرانمٽ نقوش ڇڏيندڙ مائيڪل جيڪسن 1958ع ۾ آمريڪي شهر گيري ۾ پيدا ٿيو ۽ 5 سالن جي عمر ۾ ئي ميوزڪ جي دنيا ۾ قدم رکيو هن پنهنجي فني ڪيريئر جو آغاز 1964ع ۾ پنهنجن ڀائرن جي پاپ گروپ جيڪسن فائيو کان ڪيو جنهن جو پهريون ميوزڪ البم “آءِ وانٽ يو بيڪ” هيو جنهن سموري دنيا ۾ اهڙي ڌوم مچائي ته سڀني کي پنهنجو ديوانو بڻايو، مائيڪل جيڪسن پنهنجي پهرين سولر البم آف دي وال ذريعي پاپ موسيقي جي دنيا ۾ الڳ سڃاڻپ ٺاهي، 1982ع ۾ ان جي هڪ ٻئي البم ٿرلر اهڙي ڌوم مچائي ته هر هڪ جي زبان تي مائيڪل مائيڪل هيو جيڪو دنيا جو سڀ کان وڌيڪ وڪرو ٿيل البم به قرار ڏنو ويو، مائيڪل جيڪسن جي آواز سان ان جي انوکي ڊانس اسٽائلز به عالمگير مقبوليت حاصل ڪئي جنهن جو مون واڪ نالي ڊانس اسٽال ان جي سڃاڻپ بڻجي ويو، ٿرلر، بيٽ اٽ، بيڊ، ڊينجرس ۽ بلي جينز جهڙا بلاڪ بسٽر ميوزڪ البم ڏيندڙ مائيڪل هڪ حمد الله ٽو ٿئينڪس گو به رڪارڊ ڪرايو جنهن سان ان جي اسلام قبول ڪرڻ جي افواهن جنم ورتو، ڪنگ آف پاپ مائيڪل جيڪسن ڪجهه سال پهريان دنيا کان رخصت ٿيو جڏهن ته پنهنجن گانن جي صورت ۾ هو اڄ به پنهنجن چاهيندڙن جي دلين ۾ جيئرو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *