پئسن لاءِ نه پر پنهنجي پٽ لاءِ فلمون ڪرڻ چاهيان ٿو: اڪشي ڪمار

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪار اڪشي ڪمار پنهنجي جملن سان مسلسل پرستارن کي حيران ڪندو آيو آهي ٻين وڏن اداڪارن جي مقابلي ۾ هو سال ۾ ڪيتريون ئي فلمون ڪري ٿو پر ان جو چوڻ آهي ته هو اهڙيون فلمون نٿو ڪرڻ چاهي جيڪي 100 يا 200 ڪروڙ رپيا ڪمائين اڪشي جو چوڻ آهي ته هو پئسن لاءِ نه پر صرف پنهنجي پٽ لاءِ فلمون ڪرڻ چاهي ٿو هن چيو ته مان بهترين فلمون ڪرڻ چاهيان ٿو منهنجو پٽ مون وٽ اچي چوندو آهي ته ان کي فلم سمجهه ۾ نه آئي ان کي فلم بيڪار لڳي ته مون کي سٺو نٿو لڳي مان اهڙيون فلم ڪرڻ چاهيان ٿو جيڪي هن کي پسند به اچن ۽ سمجهه ۾ به اچن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *