ٽي وي ۽ اسٽيج جو مشهور ڪاميڊين فريد خان ڊگھو وقت بيمار رهڻ کان پوءِ وفات ڪري ويو

ڪراچي (شوبز نيوز) ٽي وي ۽ اسٽيج جو مشهور ڪاميڊين فريد خان ڊگھو وقت بيمار رهڻ کان پوءِ ڪالهه ڪراچيءَ ۾ فوت ٿي ويو. خانداني ذريعن موجب فريد خان گذريل 6 سالن کان نڙيءَ جي ڪينسر ۾ ورتل هو، ان سلسلي ۾ سندس 5 آپريشن به ٿي چڪا هئا، جڏهن ته ڪجھه وقت هو دل ۽ گردن جي عارضي ۾ پڻ ورتل رهيو. 40 سالن تائين ٽي وي ۽ اسٽيج تي ٻين جي چهرن تي مسڪراهٽون آڻيندڙ فريد خان پنهنجي فن جي ڪري سڄي دنيا ۾ پاڪستان جو نالو روشن ڪيو. سندس مشهوريءَ جو سبب ٽي ويءَ جا مزاحيه خاڪا ”ففٽي ففٽي“ هئا. خانداني ذريعن موجب مرحوم سوڳوارن ۾ 4 ٻار هڪ گھرواري، ٻه ننهنرون ۽ 3 پوٽا ڇڏيا آهن. فريد خان جي جنازي نماز ڪالهه شامل ڪراچيءَ ۾ سندس گھر گلستان جوهر ۾ ادا ڪئي وئي

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *