وڏين فلمن ۾ ڪم ملڻ جي ڪري فنڪار کي وڌيڪ محنت ڪرڻي پوي ٿي: جيڪولين فرنينڊس

ممبئي(شوبز نيوز)بالي ووڊ اداڪار جيڪولين فرنينڊس چيو آهي ته وڏيون فلمون هڪ اداڪار لاءِ پاڻ کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ ۾ مددگار ثابت ٿينديون آهن. پنهنجي هڪ تازي انٽرويو ۾ هن چيو ته وڏين فلمن ۾ ڪم ملڻ جي ڪري فنڪارکي وڌيڪ محنت ڪرڻي پوي ٿي ۽ پاڻ کي بهتر بڻائڻ جو موقعو ملي ٿو. کيس اهڙي قسمت ملي آهي جو اداڪار اميتاڀ بچن سان پهرين فلم ”اله دين“ ۾ ڪم ڪيو. جنهن کانپوءِ کيس ڪيترن ئي وڏن فلمي پراجيڪٽس ۾ وڏن فلمي ستارن سان گڏ ڪرڻ جو موقعو مليو جن ۾ سيف علي خان، اڪشي ڪمار، سلمان خان، ارجن رامپال ۽ رنبير ڪپور شامل آهن. جن کان هن گهڻو ڪجهه سکيو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *