وينا ملڪ ۽ اسد خٽڪ جي دبئي ۾ ڪرن جوهر سان ڊگهي ڪچهري

دبئي(شوبز نيوز) وينا ملڪ ۽ اسد خان خٽڪ بالي ووڊ ۾ ڪجهه وڏو ڪرڻ  جي چڪر ۾ لڳا پيا آهن، انهن کي بالي ووڊ ۾ ڪا وڏي آفر آهي؟ دبئي ۾ ٿيڻ واري اي آءِ بي اي ايوارڊ تقريب ۾ بالي ووڊ جا وڏن اسٽارن  سميت وينا ملڪ ۽ اسد خان خٽڪ به شريڪ ٿيا. تقريب دوران وينا ۽ اسد خان خٽڪ سلمان خان ۽  ڊائريڪٽر پروڊيوسر ڪرن جوهر سان ملاقات ڪئي. اسد خان خٽڪ ۽ ڪرن جوهر ڪافي دير تائين گپ شپ ڪندا نظر آيا. جنهن کانپوءِ فلمي پنڊتن جو چوڻ هو ته ٻنهي وچ ۾ ضرور  ڪا ڳالهه آهي. ٿي سگهي ٿو ته اچڻ واري دور ۾ اسد خٽڪ کي بالي ووڊ جي ڪنهن فلم ۾ ڏسندا. اهي ملاقات ڇا  ٿيون رنگ لائين اهو ته وقت ئي ٻڌائيندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *