هڪ سازش تحت مون کي بدنام ڪيو پيو وڃي پاڪستاني اداڪارا عمائما ملڪ

لاهور(شوبز نيوز) فلم ۽ ٽي وي جي مشهور پاڪستاني اداڪارا عمائما ملڪ جو چوڻ آهي ته کيس هڪ سازش تحت بدنام ڪيو پيو وڃي. پاڪستاني اداڪارا عمائما ملڪ لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو آهي ته هن وقت پاڪستاني ڪرڪيٽر شعيب ملڪ  ۽ سندس حوالي سان تمام گهڻيون ڳالهيون گردش ڪري رهيون آهن جيڪا سندس ڪريئر کي ختم ڪرڻ  جي سازش آهي سندس چوڻ هو ته شعيب ملڪ هڪ سٺو انسان آهي جيڪو پنهنجي زال ثانيا مرزا سان بيحد محبت ڪندو آهي عمائما ملڪ جو چوڻ آهي ته هو سڀني افواهن کان هٽي ڪري پنهنجي ڪريئر تي ڌيان ڏئي رهي آهي ڇو ته هو هن ووقت ڪجهه ڀارتي فلمن جھي شوٽنگ ۾ رڌل آهي جيڪي جلد رليز ٿيڻ واريون آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *