هدايتڪار نذر الاسلام جي ورسي 9 جنوريءَ تي ملهائي ويندي

لاهور(شوبز نيوز) پاڪستاني فلمن جي مشهور هدايتڪار نذر الاسلام جي ورسي (اڄ) جمعي ڏينهن ملهائي ويندي. نذر الاسلام جو تعلق اوڀر پاڪستان ۽ بنگلاديش سان هو. هن لاهور ۾ ”شيشي ڪا گهر“، ”بندش“، ”ڪالي چور“، ”شرافت“ ۽ ”آئينه“ جهڙيون فلمون ڊائريڪٽر ڪيون. نذر الاسلام ڊائريڪشن جي معاملي ۾ بهترين صلاحيتن جو مالڪ هو. هاڻي سندس پُٽ نذر الاسلام ٽي وي ڊرامن ۽ پروڊڪشن سان لاڳاپيل آهي

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *