هاڻي به فلم انڊسٽري جي بقا لاءِ پنهنجي جدوجهد جاري رکيون پيا اچون: سيد نور

لاهور (شوبز نيوز) فلم پروڊيوسرز ايسوسيئيشن جي چيئرمين هدايتڪار ۽ رائيٽر سيد نور چيو آهي ته هاڻي به فلم انڊسٽري جي بقا لاءِ پنهنجي جدوجهد جاري رکيون پيا اچون ۽ مون کي ان لاءِ ڪجهه مخلص دوستن جي سپورٽ به ميسر آهي جيڪڏهن فلم انڊسٽري ۾ ايس سلمان سان ملاقات نه ٿئي ها ته شايد اڄ مان ڪنهن آفيس ۾ ننڍڙي نوڪري ڪندو هجان ها. 1970 ۾ فلم انڊسٽري ۾ داخل ٿيس ۽ جاويد فاضل مرحوم جي ذريعي ايس سليمان سان ملاقات ٿي ۽ ان جي شاگردي قبول ڪئي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *