هالي ووڊ اداڪاره اينجلينا جولي 24 سال فلم نگري تي راڄ ڪرڻ کانپوءِ اداڪاري کي الوداع چئي ڇڏيو

ڪمبوڊيا(شوبز نيوز)هالي ووڊ اداڪاره اينجلينا جولي 24 سال فلم نگري تي راڄ ڪرڻ کانپوءِ اداڪاري کي الوداع چئي ڇڏيو آهي، اينجلينا جولي جو چوڻ هو ته ذاتي سببن جي ڪري اداڪاري کي الوداع چئي رهي آهيان جڏهن ته فلم نگري سان منهنجو رشتو ختم ناهي ٿيو ڇو ته هاڻ مان اداڪاري نه پر ماڻهن کان اداڪاري ڪرائينديس جنهن لاءِ فلمن جي هدايتڪاري ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، اينجلينا جولي جو چوڻ هو ته هاڻ هوءَ پنهنجي سموري توجهه هدايتڪاري ۽ فلاحي ڪمن ۾ صرف ڪندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *