نوابشاهه ۾ فقير جي ايم مست پروازي طرفان صوفياڻي محفل منعقد

نواب شاھ:(شوبز نيوز) نواب شاھ ۾ ميخانه بيت التصوف تي دور حاضر جي صوفي صفت انسان ۽ حق صوفي ازم ورلڊ جي باني فقير جي ايم مست پروزاي جي طرفان سنڌي مهيني جي 21_شريف مولاءِ ڪائنات حضرت علي عليه اسلام جي شهادت جي نسبت جي حوالي سان صوفياڻي محفل منعقد ٿي جنهن ۾ صوفي فقير غلام رباني چانڊيو، فقير امتياز ۽ خادم حسين سميت ڪيترئن ۽ اديبن، شاعرن، صحافين، دانشورن ۽ ماڻهن جي هڪ وڏي انگ ڀرپور شرڪت ڪئي، محفل ۾ حق صوفي ازم ورلڊ جي باني فقير جي ايم مست پروازي جو آڌر ڀاءُ ڪرڻ لاءِ طالبن عقيدمندن ۽ پيار ڪندڙن مٿس گلن جي ورکا ڪري دوهل شرنائيون وڄائي خوشي ۽ محبت وچان رقص ڪيو ۽ بعد ۾ محفل شروع ٿي جنهن کانپوءِ صوفي فنڪارن فقير غلام رباني چانڊيو، فقير امتياز ۽ خادم حسين صوفياڻا ڪلام پيش ڪيا ته محفل تي وجدتاري ٿيڻ لڳو ۽ محفل ۾ شريڪ ڪيترائي نوجوان ٻڍا توڙي ٻار رقص ڪرڻ لڳا.اس موقعي تي حق صوفي ازم ورلڊ جي چيئرمين فقير جي ايم مست پروازي خطاب ڪندي چيو ته هن محفل جو مقصد انسانذات سان محبت ڪرڻ آهي ۽ هن محفل ۾ انسانذات سان محبت ڪرڻ جو درس ڏنو وڃي ٿو، اسان انسانذات سان محبت ڪرڻ ئي الله تعاليٰ جي عبادت سمجھون ٿا، هن چيو ته هن دهشت گردي ۽ نسفا نفسي جي دور ۾ اهڙي محفلون ٿيڻ گهرجن ته جئين ماڻهن جو ڌيان پريشانن کان هٽي سگهي، هن چيو ته تصوف اسلام جو روح آهي ۽ ڪنهن به حوالي سان صوفي اسلام کان ٻاهر ناهن صوفين جو پيغام حق ۽ سچ جي راھ تي وٺي هلي ٿو ۽ اسلام به اهيو ئي پيغام ڏيئي ٿو هن چيو ته اسلام جي صحيح معنيٰ ۾ تبليغ الله جي اوليائن، درويشن، صوفي بزرگن پنهنجي ڪلامن ذريعي ڪئي آهي جنهن کي صرف سمجھڻ جي ضرورت آهي ۽ انهن جي ڏنل درس تي عمل ڪرڻ سان دهشتگردي، انتهاپسندي جو خاتمو آڻي امن قيام ڪري سگهجي ٿو. هن وڌيڪ چيو ته منهنجو اهيو ئي پيغام آهي ته انسانذات سان محبت ڪيو ۽ ان سان ڀلو سلوڪ ڪيو ۽ ان کي ادب سيکاريو هي ئي عبادت آهي، هي محفل پرھ فٽي تائين پنهنجي ڀرپور اوج ۽ انگوج سان جاري رهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *