نانا پاٽيڪر فلم ”ويڪلم ٽو“ جي رليز ۾ دير جي ذميواري جان ابراهيم تي مڙهي ڇڏي

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪار نانا پاٽيڪر فلم ”ويڪلم ٽو“ جي رليز ۾ دير جي ذميواري جان ابراهيم تي مڙهي ڇڏي آهي. بالي ووڊ ذريعن موجب نانا  پاٽيڪر پنهنجي نئين فلم ويلڪم ٽو جي رليز تي هڪ پاسي خوش آهي ته وري ٻئي پاسي رليز ۾ دير تي ٿوري ڪاوڙ جو پڻ اظهار ڪيو آهي. صحافين سان ڳالهائيندي نانا پاٽيڪر چيو ته اسان جي فلم هڪ سال ۾ تيار ٿي وڃي ها پر جان ابراهم جي ڪري دير ٿي. جان ابراهم جو نالو کڻڻ تي هن مسڪرائيندي چيو ته مڙئي ڪنهن جو نه ڪنهن ته نالو کڻبو آ نه. ياد رهي ته ويلڪم ٽو 4 سيپٽمبر تي سينما گهرن جي زينت بڻبي

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *