ناليواري قوال غلام فريد صابري کي چاهيندڙن کان وڇڙئي 21سال ٿي ويا

لاهور(شوبز نيوز) غلام فريد صابري، قوالي جي شروعات مبارڪ شاهه جي عرس تي ڪئي“بهر دي جهولي ميري يا محمد” پاڪستان کانسواءِ سموري دنيا ۾ مقبوليت جا رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا.کيس پنهنجي چاهيندڙن کان وڇڙئي 21سال ٿي چڪا آهن پر سندس قواليون اڄ به ماڻهن کي ياد آهن.1930ع ۾ ڀارت جي صوبي اولهه پنجاب ۾ هن پنهنجي اک کولي. ننڍپڻ کان ئي کيس قوالي ڳائڻ جو شوق هو.  قواليءَ جي باقائده تربيت پنهنجي پيءُ عنايت صابري کان حاصل ڪيائين. هن پنهنجي پهرين قوالي هزارين ٻڌندڙن جي سامهون مبارڪ شاهه جي عرس تي ڳائي.سندس قوالي ڳائڻ جو انداز پنهنجي هم عصرن کان مختلف  ۽ اثر رکندڙ هو جنهن جي ڪري کيس هڪ قوال جي حيثيت سان وڏي سڃاڻپ ۽ سٺي موٽ ملي. غلام فريد صابري پنهنجي ڀاءُ مقبول صابري سان گڏ قوالي ڳائيندو هو. 70 ۽ 80جي ڏهاڪي ۾ سندس عروج جو سونهري دور هو.  انهي زماني ۾ هن“بهر دي جهولي ميري يا محمد” جهڙي ڳوالي ڳائي پوري دنيا ۾ پنهنجي فن کي مڃرايو. اردو کانسواءِ پنجابي، سرائڪي ۽ سنڌي زبان ۾ به هن قواليون ڳايون. 5اپريل 1994ع تي  دنيا جوهي چمڪندڙ ستارو پنهنجي چاهيندڙن کان هميشه لاءِ وڇڙي ويو پر اڄ به قوالي جو ذڪر غلام محمد صابريءَ بنا اڻپورو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *