مڌوبالا کي مداحن کان وڇڙئي 46 سال گذري ويا

ممبئي(شوبز نيوز) بالي ووڊ جي تاريخ جي سڀ کان خوبصورت هيروئن مڌوبالا 40 ۽ 50 جي ڏهاڪي ۾ مداحن جون ننڊون ڦٽايون محل جي ڪامني هجي يا امر جي انجو مڌوبالا هر ڪردار زبردست طريقي سان نڀايو مسٽر اينڊ مسز 55۽ چلتي ڪا نام گاڙي ۾ مڌو جي بي مثال اداڪاري شوقينن کي اڄ به ياد آهي مغل اعظم ۾ شهزادي سليم جي انارڪلي جو ڪردار مڌوبالا کي بالي ووڊ نگري ۾ امر ڪري ڇڏيو مڌوبالا جو شمار هندي فلمن جي سڀ کان وڌيڪ بااثر شخصيتن ۾ ڪيو وڃي ٿو حسن ۽ عشق جي ديوي مڌوبالا جو دليپ ڪمار سان زبردست رومانس هليو جڏهن ته ان جي شادي ڳائڻي ڪشور ڪمار سان ٿي صرف 36 سالن جي ڄمار ۾ مداحن کي وڇڙي ويندڙ مڌوبالا اڄ به ڪروڙين دلين جي ڌڙڪن آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *