مون کي ڪمرشل سئنيما سان پيار آهي؛ ماهره خان

ڪراچي (شوبز نيوز) ”همسفر، شهرِذات ۽ صدقي تمهاري“ جھڙن ڊرامن ۾ شاندار اداڪاريءَ کان پوءِ هاڻي ماهره خان ٻه فلمون سائن ڪري ورتيون آهن. ماهره خان چيو ته فلمن جو اسڪرپٽ سٺو لڳو، صحافين سان ڳالهائيندي ماهره چيو ته انهن فلمن مان هڪ هدايتڪار سلطانه صديقيءَ جي ”بن روئي“ آهي، جنهن جي ڪاسٽ ۾ جاويد شيخ، زيبا بختيار، همايون سعيد ۽ ارمينا رعنا خان شامل آهن، ماهره جي ٻين فلم عاصم رضا جي ذهن جي پيداوار آهي جنهن ۾ عديل حسين ۽ شهريار منور جھڙا اداڪارا شامل هوندا. فلم کي اڃا تائين ڪو نالو ناهي ڏنو ويو، نه ئي ان جي شوٽنگ شروع ٿي آهي، پر ان جي ريهرسل شروع ڪئي وئي آهي. فلم ”بن روئي“ بابت ڳالهائيندي ماهره چيو ته هيءَ مڪمل فيچر فلم آهي، مون کي ڪمرشل سئنيما سان پيار آهي، مون کي رام ليلا ڏسڻ پسند آهي، مان پنهنجي نچڻ ۽ گيتن کي به پسند ڪندي آهيان، هن چيو ته مان فلم ”بن روئي“ ۾ نچندي نظر اينديس

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *