مون کي شاهه رخ خان سان ڪم ڪرڻ پسند آهي ۽ مان سپر اسٽار جي گھڻي عزت ڪندو آهيان؛سيف علي خان

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪار ۽ هدايتڪار سيف علي خان  جو چوڻ آهي ته مون کي شاهه رخ خان سان ڪم ڪرڻ پسند آهي ۽ مان سپر اسٽار جي گھڻي عزت ڪندو آهيان. انڊين ويب سائيٽ موجب ان کان اڳ سيف علي خان جو هڪ بيان سامهون آيو هو، جنهن ۾ هن چيو هو ته مان شاهه رخ خان جھڙي وڏي اسٽار سان ڪو هلڪو رول ڪرڻ بدران پنهنجي ذاتي پروڊڪشن ۾ ڪم ڪرڻ پسندڪندس. پر هاڻي هن جو چوڻ آهي ته ”مان شاهه رخ خان لاءِ ڪنهن به قسم جا خراب جذبا نه ٿو رکان“ 44 ورهين جي سيف عليءَ پنهنجي بيان جي وضاحت ڪندي چيو ته، مون جڏهن به شاهه رخ خان سان گڏ ڪم ڪيو، مون کي مزو آيو ۽ ڪم دوران هو منهنجي سوچ تي تمام گھڻو اثر انداز رهيو. هن چيو ته شاهه رخ خان هڪ بهترين انسان آهي ۽ انهن چند ماڻهن ۾ شامل آهي جن کي مون پنهنجي (ڀَت) شاديءَ جو سڏ ڏنو هو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *