مهدي حسن جا ايوارڊ ۽ سرٽيفڪيٽ چورائيندڙ جوابدارن جي گرفتاري لاءِ دائر درخواست عدالت اڪلائي ڇڏي

لاهور (شوبز نيوز) لاهور هاءِ ڪورٽ مهدي حسن جي ايوارڊ ۽ سرٽيفڪيٽس چوري ڪندڙ جوابدارن جي گرفتاري لاءِ دائر درخواست اڪلائي ڇڏي، جوابدارن جي گرفتاري لاءِ اها درخواست سندس ننهن عمائمه طرفان دائر ڪئي وئي آهي، عمائمه جي وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته ڪرائيدارن سندس اصيل جي گهر مان چوري ڪئي ۽ ويندي ويندي مهدي حسن جا سرٽيفڪيٽ ۽ ايوارڊ به کڻي ويا، هن عدالت کي ٻڌايو ته چوري جو ڪيس داخل ٿيڻ باوجود جوابدار گرفتار نه ٿيا آهن، سرڪاري وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته درخواست گذار جوابدارن جي گرفتاري لاءِ عدالت سان رابطو ئي ناهي، جڏهن ته ان ڪيس ۾ هڪ جوابدار کي گرفتار پڻ ڪيو ويو آهي، جنهن تي عدالت درخواست اڪلائيندي مهدي حسن جي ننهن کي سيشن ڪورٽ سان رجوع ڪرڻ جي هدايت ڪئي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *