مني لانڊرنگ ڪيس، ماڊل ايان علي جي جوڊيشل رمانڊ ۾ 14 ڏينهن جي واڌ

راولپنڊي(شوبز نيوز) مني لانڊرنگ ڪيس ۾ ماڊل ايان علي جي جوڊيشل رمانڊ ۾ 14 ڏينهن جي واڌ ڪئي وئي جڏهن ته جوابداره جي جيل ۾ بي ڪلاس ڏيڻ جي درخواست خارج ڪئي وئي ايان علي کي 14 ڏينهن جي جوڊيشل رمانڊ پوري ٿيڻ تي سخت سيڪيورٽي ۾ ڪسٽم عدلات ۾ پيش ڪيو ويو جتي جج چوڌري ممتاز ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، ٻڌڻي دوران ڪسٽم اختيارين طرفان جوابداره جي جوڊيشل رمانڊ ۾ 2 هفتن جي واڌ جي درخواست ڪئي وئي جنهن کي عدالت منظور ڪندي ڪسٽم اختيارين کي ايندڙ ٻڌڻي تي چالان پيش ڪرڻ جو  حڪم ڏئي ڇڏيو جڏهن ته ايان علي کي بي ڪلاس ڏيڻ جي درخواست خارج ڪئي وئي، ٻئي طرف ماڊل طرفان اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ ضمانت واري درخواست به داخل ڪئي وئي آهي جنهن جي ٻڌڻي 31 مارچ تي ٿيندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *