منور ظريف جي 39هين ورسي سڀاڻي ملهائي ويندي

فيصل آباد (شوبز نيوز) 36 سالن جي عمر ۾ لاڏاڻو ڪري ويل فلم انڊسٽري جي نالي واري اداڪار منور ظريف جي 39هين ورسي (سڀاڻي) ربع تي ملهائي ويندي، منور ظريف 29 اپريل 1976ع ۾ لاڏاڻو ڪري ويو هو، سندس مداح قرآن خواني ۽ اجتماعي دعائن جون تقريبون منعقد ڪندا، جڏهن ته مرحوم جي قبر تي قلن جي چادر چاڙهي ويندي، منور ظريف 2 فيبروري 1940ع تي گوجرانوالا ۾ پيدا ٿيو هو، نالي واري ڪاميڊين ظريف جو ڀاءُ هو، هن 16 سالا فلمي ڪيريئر ۾ 300 کان وڌيڪ اردو ۽ پنجابي فلمن ۾ اداڪاري جا جوهر ڏيکاريا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *