منهنجي نظر ۾ پرڪشش شخصيت جو مطلب هي آهي ته هو پراعتماد ۽ زندگي مان خوش هجي؛ڪيٽ اوپٽن

نيويارڪ: پرڏيهي خابرو اداري مطابق هي اعزاز پهريان پيپلز ميگزين ايوارڊ دوران ڪيٽ کي ڏنو ويو ڪيٽ اوپٽن آمريڪا جي هڪ مشهور ماڊل آهي جيڪا هاڻ وڏي اسڪرين جو به حصو بڻجي چڪي آهي ۽ هلندڙ سال ان جي پهرين فلم دي ادر وومين رليز ٿي ڪيٽ ان موقعي تي پنهنجن پرستارن جو شڪريو ادا ڪندي چيو ته منهنجي نظر ۾ پرڪشش شخصيت جو مطلب هي آهي ته هو پراعتماد ۽ زندگي مان خوش هجي ۽ هو اهڙو فرد هجي جيڪو سخت محنت تي يقين رکي ياد رهي ته گذريل مهيني پيپلز ميگزين ڪرس هيمز ورٿ کي هلندڙ سال لاءِ دنيا جو سڀ کان پرڪشش مرد قرار ڏنوهو ان اعزاز کانپوءِ هو بيڊلي ڪوپر، ريان رينولڊز، بريڊ پٽ، جارج ڪلوني، سين ڪونري، بين ايفلڪ ۽ ميل گبسن جهڙن هالي ووڊ اداڪارن جي صف ۾ شامل ٿي ويو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *