منهنجي نظر امتياب بچن دليپ ڪمار کان بهتر اداڪار آهي: نصير الدين شاهه

ممئبي (شوبز نيوز) بالي ووڊ جي سپر اسٽار امتياب بچن پاڻ دليپ ڪمار جي اداڪاري جو زبردست مداح آهي ۽ ان کي اداڪاري جو ادارو چوندو آهي، جڏهن ته بالي ووڊ ۾ پنهنجي اداڪاري لاءِ معروف اداڪار نصير الدين شاهه جو چوڻ آهي ته ان جي نظر ۾ امتياب بچن دليپ ڪمار کان به بهتر اداڪار آهي، ڀارتي اخبار سان ڳالهائيندي نصير الدين شاهه چيو ته منهجي خيال ۾ امتياب بچن دليپ ڪمار کان بهتر اداڪار آهي، ڇو ته هڪ آرٽس جي طور تي هڪ سپر اسٽار جي طور تي ان جي وڏي ۽ ڊگهي اننگز رهي آهي، ٻئي اداڪاري جا اسڪول آهن، پر امتياب بهتر آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *