ممبئي وڃڻ لاءِ رڪشا ۾ سفر کي ترجيح ڏيندو آهيان: عمران هاشمي

ممبئي(شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪار عمران هاشمي چيو آهي ته ممبئي وڃڻ لاءِ رڪشا ۾ سفر ڪرڻ کي ترجيح ڏيندو آهيان. ڀارتي ميڊيا مطابق اداڪار عمران هاشمي پنهنجي تازي ڏنل انٽرويو ۾ چيو ته هو اڄڪلهه ممبئيءَ ۾ اُنگلي جي مشهوريءَ لاءِ مصروف آهي ۽ هو اتي رڪشا تي سفر ڪرڻ کي ترجيح ڏيندو آهي. فلم اُنگلي جي ڪهاڻي عام انسان جي چوڌاري گهمي ٿي، جنهن کي روزمره جا مسئلا درپيش آهن. اها ڪهاڻي غريب انسان جي حالتن ۽ مشڪلاتن جو حقيقي آئينو آهي. فلم 28 نومبر تي سئنيما گهرن جي زينت بڻجي چڪي آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *