ممبئي جي عدالت اداڪار سلمان خان خلاف ڪيس جي شنوائي مڪمل ڪرڻ بعد فيصلو 3 مارچ تائين محفوظ ڪري ورتو

ممبئي(شوبز نيوز) ممبئيءَ جي عدالت اداڪار سلمان خان خلاف ڪيس جو فيصلو محفوظ ڪري ورتو آهي، جيڪو 3 مارچ تي ٻُڌايو ويندو. ممبئي جي عدالت سلمان خان خلاف اسلحه ايڪٽ تحت ڪيس جي شنوائي مڪمل ٿيڻ بعد فيصلو 3 مارچ تائين محفوظ ڪيو. سلمان خان خلاف ڪاري هرڻ جي غير قانوني شڪار جو ڪيس 1998ع کان شنوائيءَ هيٺ هيو، ان کان اڳ عدالت سلمان خان جي وڪيل طرفان درخواست منظور ڪندي سلمان کي پيشيءَ جي موقعي تي حاضريءَ کان ڇوٽ ڏني هئي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *