فيصل آباد (م ڊ) ملڪ جي نالي واري ڪمپيئر دلدار ڀٽي جي 20 هين ورسي اڄ 30 آڪٽوبر تي ملهائي ويندي. جڏهن ته ان موقعي تي مرحوم جي ايصال ثواب لاءِ سندس مداحن ۽ ڪٽنب پاران قرآن خواني منعقد ڪئي ويندي.دلدار ڀٽي گوجرانوالا ۾ پيدا ٿيو ۽ شروعاتي تعليم اتان ئي حاصل ڪئي. هن پنهنجي فني ڪيريئر جي شروعات 1975ع ۾ پي ٽي وي کان ڪئي. مرحوم اخبارن ۾ ڪالم پڻ لکندو رهيو. دلدار ڀٽي 30 آڪٽوبر 1994ع تي هڪ اسپتال جي فنڊ ريزنگ جي سلسلي ۾ آمريڪي شهر نيويارڪ ۾ موجودگي دوران اوچتو دماغ جي رڳ ڦاٽڻ سبب لاڏاڻو ڪري ويو. مرحوم جي ورسي جي موقعي تي اليڪٽرانڪ ميڊيا تي خاص پروگرام نشر ڪيا ويندا.