مصر ۾ قومي جهنڊي جي توهين تي مشهور بيلي ڊانسر کي قيد جي سزا ٻڌائي وئي

قاهره(شوبز نيوز)مصر جي گادي واري شهر قاهره ۾ رهندڙ هڪ مشهور بيلي ڊانسر کي قومي جهنڊي جي توهين جي الزام ۾ جيل جي سزا کي ،منهن ڏيڻو پئجي ويو ، آرمينيا  سان تعلق رکڻ واري ان بيلي ڊانسر تي الزام آهي ته ان مصرجي ٽن رنگن ،ڳاڙهي، اڇي ۽ ڪاري رنگ  تي مشتمل قومي جهنڊي جهڙو لباس پائي هڪ تقريب  ۾ ڊانس ڪئي ، پرڏيهي ميديا مطابق ان ڊانسر جو ڪيس عدالت ۾ موڪلي ڇڏيو آهي، خوبصورت بيلي ڊانسر سوڙها ڪپڙا پائي رقص ڪن ٿيون ۽ ان جون رنگا رنگ ويڊيو ڪلپ انٽرنيٽ جي ذريعي منظر عام تي اينديون رهن ٿيون،مصري پراسيڪيوٽرز گذريل سال آگسٽ ۾ ان کي قومي جهنڊي جي توهين جي الزام ۾ وڌيڪ تفصيلات جي لاءِ گهرائي ورتو هو، ان بجيره احمر جي ڪناري تي واقع  هڪ پارٽي ۾ ڊانس ڪئي، مارچ جي شروعاتي ڏينهن ۾ مصر ۾ مشهور ان آرمينيا ڊانسر کي ان واقعي جي جاچ  لاءِ گرفتار ڪيو ويو هو، پر ان کي انهي ڏينهن 2620 ڊالرز جي ادائگي جي بدلي ۾ ضمانت تي آزاد ڪيو ويو هو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *