مشهور فلمساز، مصنف ۽ هدايتڪار رياض شاهد جي 42هين ورسي اڄ ملهائي ويندي

لاimagesهور (شوبز نيوز) پاڪستان فلم انڊسٽري جي مشهور فلمساز مصنف ۽ هدايتڪار رياض شاهد جي 42هين ورسي اڄ اربع تي ملهائي ويندي ان جي ورسي جي موقعي تي خصوصي تقريبن جو اهتمام ڪيو ويندو جن ۾ رياضشاهد جي خدمتن کي خراج عقيدت پيش ڪيو ويندو فلم اسٽار شان جي والد رياض شاهد صحافي طور پنهنجي ڪيريئر جي شروعات ڪئي جنهن کان پوءِ هن فلم ڀروسي جو اسڪرپٽ لکيو جيڪا فلم نهايت ڪامياب ٿي 1958 ۾ اسڪرپٽ رائٽر طور تي هن فلم انڊسٽري ۾ پنهنجو اهم مقام ٺاهيو هن 1959 فلم نيند ۽ 1961 ۾ شهيد لکي جيڪي سپر هٽ ثابت ٿيون 1962 ۾ فلم سسرال جي ڪاميابي سان هو رائيٽر فلمساز هدايتڪار طور تي به اڀريو 1963 ۾ شڪوه، 1964 ۾ خاموش رهو، 1965 ۾ پنجابي فلم الله دتا، نظام لاهور ڪاميابي ماڻي. رياض شاهد جي نيلو سان ملاقات فلم الله دتا جي شوٽنگ ۾ ٿي جنهن کان پوءِ انهن هڪٻئي کي پنهنجو همسفر بنائڻ جو فيصلو ڪندي شادي ڪري ورتي فلمساز رياض شاهد ۽ نيلو جي هڪ ڌيءِ زرقا ۽ ٻه پٽ سروش ۽ شان آهن فلم اسٽار شان موجوده دور جو سپر اسٽار آهي

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *