مشهور آمريڪي ڳائڻي ريحانه جي نئين گيت ۾ حيران ڪندڙ ديسي چهرو سامهون آيو آهي

لاس اينجلس (شوبز نيوز) مشهور آمريڪي ڳائڻي ريحانه جي نئين گيت ۾ حيران ڪندڙ ديسي چهرون سامهون آيو آهي. پاپ ڳائڻي پنهنجي نئين گيت جي وڊيو ۾ هڪ اهڙي چهري جي چونڊ ڪئي آهي، جنهن کي اڄ تائي ڪنهن نه ڏٺو هو، وڊيو ۾ نظر ايندڙ چهرو صنم نالي هڪ آمريڪي شهري عورت جو آهي، جنهن جي عمر 25 سال آهي. ٽِي مهينا اڳ مشهور ڳائڻي ريحانه پنهنجي آفيشل اڪائونٽ تان صنم کي انسٽاگرام تي فالو ڪيو هو ۽ پوءِ هن صنم کي پنهنجي گيت جي وڊيو جي آڇ ڪئي. مشهور ڳائڻيءَ صنم کي انسٽا گرام تي پوسٽ ڪيل تصوير کي ڏسندي پنهنجي گيت جي وڊيو لاءِ چونڊيو هو. هڪ انٽرويوءَ ۾ صنم ٻڌايو ته هڪ صبح جو کيس ريحانه طرفان وڊيو پيغام مليو جنهن ۾ هن مون سان ڪم ڪرڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو. صنم جو چوڻ هو ته پهريان ته مون کي يقين نه آيو ته اها حقيقت ناهي، پر پوءِ ريحانه جو هڪ پيغام مليو، جنهن ۾ هن چيو ته مان توسان ڪم جي خواهشمند آهيان، اي ميل يا نمبر موڪل. صنم چيو ته ريحانه کي اربع تي انسٽا گرام تي فالو ۽ جمعي جي ڏينهن لاس اينجلس ۾ وڊيو جي شوٽنگ ڪرائي رهي هيس. هن چيو ته ريحانا هڪ پياري عورت آهي، هوءَ سدائين تعريفون ڪندي آهي، هوءَ مشهور هجڻ باوجود بلڪل به مغرور ناهي. هڪ سوال جي جواب ۾ صنم جو چوڻ هو ته ريحانا سيٽ تي اچڻ وقت ڪافي بيمار هئي، ٻِن ٽِن ڏينهن تائين ته کانئس آواز به نه پي نڪتو. پر اهو هفتو منهنجي زندگيءَ جو تمام خاص ۽ خوبصورت هفتو هو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *