مزاحيا اداڪاري مون لاءِ ڪنهن ڀوائتي خواب کان گهٽ ناهي: ارشد وارثي

ممبئي(شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪار ارشد وارثي جو چوڻ آهي ته هڪ اداڪار جي حيثيت سان هو هر قسم جا ڪردا نڀائي سگهي ٿو پر هن سان گڏ مزاحيا اداڪار جو جيڪو ليبل لڳي ويو آهي، اهو هن لاءِ ڪنهن ڀوائتي خواب کان  گهٽ ناهي.هڪ انٽرويو ۾ هن چيو ته فلم انڊسٽري ۾ ڪنهن به اداڪار جي سڃاڻپ ان جو پهريون ادا ڪيل ڪردار بڻجي وڃي ٿي،هن جو چوڻ هو ته مون سان به اهو ئي ٿيو آهي  چو ته  هن پنهنجي پهرين فلم ۾ مزاحيا ڪردار ادا ڪيو هو، انڪري کيس به رڳو هڪ مزاحيا اداڪار سمجهيو وڃي ٿو. حقيقت ۾ ائين ناهي جتي هن مزاحيا ڪردار نڀايا آهن، اتي ئي تمام سنجيده ڪردار به ادا ڪيا آهن پر هاڻي فلم انڊسٽري ۾ نوان تجربا ٿي رهيا آهن، جنهن ڪري هن کي به مختلف ڪم ڪرڻ جو موقعو ملي رهيو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *