مريڪي ڳائڻي برٽني سپئيرز رياضي سکڻ شروع ڪري ڏني

نيويارڪ(شوبز نيوز) آمريڪي پاپ اسٽار برٽني سپئير رياضي سکڻ شروع ڪري ڇڏي آهي، ان جي ڪري ته پنهنجن ٻارن کي پڙهائڻ ۾ مددڪري سگهي، آمريڪي اخبار جي رپورٽ جي مطابق پاپ ڳائڻي برٽني سپئير پنهنجن ٻارن کي پڙهائي ۾ مدد جي لاءِ پاڻ الجبرا جا ڪلاس وٺڻ شروع ڪري ڇڏيا آهن، ان جو چوڻ آهي ته ٻارن جي تعليم ان جي لاءِ نهايت اهم آهي ۽ هو چاهي ٿي، ته ان جي ٻارن کي اعليٰ تعليم ۾ ڪنهن به قسم جي تڪليف جو منهن نه ڏسڻو پوي، پاپ اسٽار وڌيڪ چيو ته ٻارن کي سٺي نتيجي تي تحفا ڏئي، انهن جي حوصلا افزائي ڪرڻ گهرجي، سٺي گريڊ تي هر مهيني ڪو نه ڪو  رانديڪو يا ڪو ٻيو تحفو ٻارن جي حوصلا افزائي جو سبب بڻجي ٿو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *