مداحن جي دعائن ۽ پيار تي سندن ٿورائتو آهيانۡ: ڪپل شرما

ممبئي (شوبز نيوز) ڀارتي مزاحيه اداڪار ۽ ڀارتي ٽي وي جي وڏي مزاحيه پروگرام ”ڪاميڊي نائيٽس ود ڪپل“ جي ڪپل شرما پنهنجي هڪ پيغام ۾ چيو آهي ته سندس طبيعت بهتر ٿيندي پئي وڃي ۽ ڪافي سڌارو اچي ويو آهي، پنهنجي ٽوئيٽر پيغام ۾ هن وڌيڪ چيو ته کيس دوائن ايترو بهتر ٿيڻ ۾ مدد نه ڏني جيتري اوهان جي دعائن ۽ پيار بهتري ڏياري آهي، هن چيو ته مداحن جي دعائن ۽ پيار تي سندن ٿورائتو آهيان. واضح رهي ته ڪاميڊي جي ريلئٽي شو مان ڪاميابي جي ستين آسمان تي پهچندڙ ڪپل شرما ڪاميڊي نائيٽس جي شروعات 2013ع ۾ ڪئي هئي، جنهن کان پوءِ هن بنا ڪنهن وقفي جي پروگرام ڪيا، ان سلسلي ۾ هو دبئي ۾ به قسطون رڪارڊ ڪرائڻ ويو جتي هن پاڪستاني مزاحيه توڙي فلمي اداڪارن کي گهرايو هو. سندس طبيعت ڪجهه عرصي کان خراب رهڻ ڪري سندس شو جون نيون قسطون رڪارڊ نه پيو ٿي سگهن ۽ هاڻي هن طبيعت جي بهتري جي خبر ڏئي مداحن کي نوان پروگرام رڪارڊ ٿيڻ جي به خاطري ڪرائي آهي

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *