متاثر ڪندڙ ڪردار ادا ڪندي رهه، فرحان اختر جي انوشڪا کي صلاح

ممبئي(شوبز نيوز) فرحان اختر پنهنجي ٽوئيٽ ۾ لکيو آهي، ته انوشڪا شرما جي، اين ايڇ 10 ۾ تمام دلچسپ شيون سکڻ لاءِ مليون ۽ ان فلم ۾ تنهنجي شاندار پرفارمنس تي توهان کي مبارڪ ڏيان ٿو، ٻئي طرف فرحان اختر نيويارڪ ۾ گڏيل قومن جي ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪئي ۽ اهم مسئلن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي، ان ڪانفرنس ۾ هالي ووڊ جي اهم شخصيت ميرل اسٽريپ، ڪرس  مارٽن، ايني هيٿ وي ۽ ڊڪوٽا فيننگ ۽ ڀارت مان اداڪار فرحان اختر شرڪت ڪئي، فرحان اختر ڀارت ۾ مشهوري واري مهم “مرد” جنهن جو مقصد عورتن کي بااختيار بڻائڻ ۽ انهن سان ٿيندڙ ذيادتن جي خلاف آواز اٿارڻ آهي، ان حوالي سان به ڳالهه ڪئي ۽ ڀارت ۾ عورتن جي صورتحال جي حوالي سان به آگاهه ڪيو، فرحان اختر جو ان حوالي سان چوڻ هو ته ڪانفرنس ۾ شرڪت جو تجربو تمام سٺو رهيو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *