ماڊل ايان علي پرڏيهي ڪرنسي اسمگلنگ جي الزام ۾ گرفتار، جوڊيشل رمانڊ تي جيل منتقل

راولپنڊي(شوبز نيوز)ملڪ جي ناليواري ماڊل ايان علي کي پرڏيهي ڪرنسي اسمگل ڪرڻ جي ڪوشش جي الزام ۾ بينظير انٽرنيشنل ايئرپوٽ تان گرفتار ڪيو ويو ايان علي اسلام آباد کان نجي ايئر لائن جي اڏام ذريعي دبئي رواني ٿي رهي هئي پر اي ايس ايف جي ڪائونٽر تي پهچي جڏهن ان جي سامان جي تلاشي ورتي وئي ته ان جي بيگ جي خفيه خانن مان 5 لک ڊالرن کان وڌيڪ رقم هٿ ڪئي وئي جنهن تي ان کي پرڏيهي ڪرنسي اسمگل ڪرڻ جي ڪوشش جي الزام ۾ گرفتار ڪيو ويو ان کانپوءِ ايان علي کي رولپنڊي جي خصوصي ڪسٽم عدالت ۾ پيش ڪيو ويو جتي ڪسٽم اختيارين عدالت کان ايان علي جي 3 ڏينهن واري جسماني رمانڊ جي استدعا ڪئي ان دوران ايان علي جي وڪيل ان ڳالهه جو اقرار ڪيو ته هٿ آيل رقم ان جي موڪل جي ئي آهي عدالت ٻنهي ڌرين جو موقف ٻڌڻ کانپوءِ جسماني رمانڊ جي استدعا رد ڪندي ايان علي کي 14 ڏينهن جي جوڊيشل رمانڊ تي جيل موڪلي ڇڏيو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *