ماڊل ايان علي جي ضمانت واري درخواست منظور، ڪسٽم اختيارين کي نوٽيس جاري

لاهور(شوبز نيوز)مني لانڊرنگ ڪيس ۾ گرفتار ماڊل ايان علي جي ضمانت واري درخواست ٻڌڻي لاءِ منظور ڪئي وئي آهي جڏهن ته لاهور هاءِ ڪورٽ درخواست بابت ڪيس اختيارين کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو مني لانڊرنگ ڪيس ۾ گرفتار ماڊل ايان علي هاءِ ڪورٽ ۾ ٻڌڻي واري درخواست داخل ڪري ڇڏي عدالت ڪسٽم اختيارين کي نُٽيس جاري ڪندي درخواست بابت جواب طلب ڪري ورتو ماڊل ايان علي طرفان هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪئي وئي ضمانت واري درخواست جي ٻڌڻي جسٽس طارق عباسي ڪئي عدالت ڪسٽم اختيارين کي نوٽيس جاري ڪندي 2 هفتن ۾ جواب طلب ڪري ورتو، ايان علي جي وڪيل جو ان موقعي تي چون هو ته ايان علي جي ڪهاڻي کي غلط رنگ ڏنو ويو ايان علي مني لانڊرنگ جي ڪوشش نه ڪئي ان کي آزاد ڪيو وڃي، درخواست ۾ اهو به چيو ويو آهي ته مان بيگناهه آهيان مون کي آزاد ڪيو وڃي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *