ماهره خان پنهنجي ڀارتي پرستارن جي درخواست تي ساڻن ملڻ لاءِ ممبئي پهچي وئي

ممبئي (شوبز نيوز) سلسليوار ڊرامي همسفر جي انڊين چينل زي زندگي ۾ بي مثال ڪاميابيءَ کان پوءِ ان ڊرامي جي مرڪزي اداڪارا ماهره خان پنهنجي ڀارتي چاهيندڙن جي درخواست تي ساڻن ملڻ لاءِ ممبئي پهچي وئي آهي، همسفر جي آخري قسط 8 نومبر تي زي زندگيءَ تي نشر ٿيندي ۽ چينل پنهنجي ٽوئٽر اڪائونت تي هڪ مقابلو پڻ ڪرايو، جنهن  کي ”ميڊ فار ماهره“ جو نالو ڏنو ويو، جنهن ۾ چاهيندڙن پنهنجي ڀيٽا ۽ اداڪارا سان محبت جو اظهار ڪرڻو هو، ان جي بدلي ۾ ساڻن ممبئيءَ ۾ اداڪارا کي ملڻو هو، چينل ماهره جي ممبئي پچڻ ۽ زندگي پريس ڪانفرنس ۾ شرڪت به ٽوئيٽ ڪئي. ”صدقي تمهاري“ جي مرڪزي اداڪارا ممبئيءَ ۾ پنهنجي فالوورن جي نظر ۾ آهي، هُن ان محبت تي سندس ٿورا مڃيندي هندستان ۾ چاهيندڙن کان ملندڙ گرم جوشيءَ تي حيرت ۽ خوشيءَ جو اظهار به ڪيو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *