مان هڪ سپر اسٽار بجاءِ صرف اداڪار طور پنهنجي سڃاڻپ بڻائڻ چاهيان ٿو: اڪشي ڪمار

ممبئي(شوبز نيوز)بالي ووڊ اداڪار اڪشي ڪمار چيو آهي ته سپر اسٽار جو ٽيگ لڳائڻ مون کي بلڪل پسند نه آهي پنهنجي هڪ انٽرويو ۾ هن چيو ته مان ڪنهن مخصوص طرح جون فلمون نه ٿو ڪرڻ چاهيان ۽ هن وقت تائين اهڙو ڪيو به ناهي، هن چيو ته اهو ئي سبب آهي ته اڄ تائين ڪنهن مون کان اهو نه پڇيو ته مان صرف فلمن ۾ هڪ ئي طرح جو ڪردار ڇو ڪري رهي آهيان، هن چيو ته مان هڪ سپر اسٽار بجاءِ صرف هڪ اداڪار جي طور تي پنهنجي سڃاڻپ بڻائڻ چاهيان ٿو، هن چيو ته هن وقت دهشتگردي هڪ وڏو ايشو آهي، ۽ هر ملڪ کي ان سان منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي، هن چيو ته اسان سڀني کي ان مسئلي سان سنجيدگي سان منهن ڏيڻ جي ضرورت آهي ۽ منهنجي ايندڙ فلم بي بي به انهي موضوع تي آهي، هن چيو ته ان فلم ۾ اسان جو 28 ماڻهن تي ٻڌل هڪ گروپ هوندو آهي جنهن جو واحد مشن دهشتگردي کي ختم ڪرڻ هوندو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *