مان اڄ ڪلهه فلم ”ايڪيس توپون ڪي سلامي“ جي فلمبنديءَ ۾ مشغول آهيان؛ نيها

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪارا نيها ڌوپيا فلم ”جولي ٽو“ ۾ ڪم ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي، ڀارتي ميڊيا موجب بالي ووڊ اداڪارا نيها ڌوپيا جنهن 2014ع ۾ رليز ٿيندڙ فلم ”جولي“ ۾ بولڊ ڪردار نڀايو هو، ان سلسلي جي ٻين فلم ۾ اداڪاري ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي. اداڪارا پنهنجي تازي انٽرويوءَ چيو ته مان اڄ ڪلهه فلم ”ايڪيس توپون ڪي سلامي“ جي فلمبنديءَ ۾ مشغول آهيان جنهن ۾ مان نرالو ڪردار ادا ڪري رهي آهيان، هن چيو ته مون کي اهڙن ڪردارن ۾ دلچسپي ڪانهي، جن ڪردارن ۾ منهنجي دلچسپي ناهي هوندي اهي مان ڪردار ادا ناهيان ڪندي. هن چيو ته ماضيءَ ۾ مون کي بولڊ ڪردار نڀائڻ دلچسپ لڳا ته مون اهي ڪيا. هاڻ اهڙن ڪردارن لاءِ فلحال راضي ناهيان. نيها ڌوپيا جي فلم ”اڪيس توپون ڪي سلامي“ جلد رليز ٿي رهي آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *