مان اڃان تائين مڪمل طور اسٽار ناهيان ٿي سگهي: عاليه بٽ

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ ۾ هٽ فلمون ڏيڻ باوجود عاليه بٽ جو چوڻ آهي ته هوءَ اڃاتائين هڪ اسٽار بڻجي نه سگهي آهي، هڪ انٽرويو دوران عاليه بٽ جو چوڻ هو ته سندس والد مهيش بٽ ۽ پوجا بٽ سندس بابت سوچين ٿا ته مان هڪ مڪمل اسٽار آهيان پر مان اڃاتائين پاڻ کي اسٽار نٿي سمجهان ڇو ته مون صرف چار فلمون ڏنيون آهن ۽ منهنجي خيال ۾ اسٽار بڻجڻ لاءِ سخت محنت ڪرڻ پوندي آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته بچپن ۾ والده کان اڪثر پنهنجي نالي جو مطلب پڇندي هئيس ته جواب ملندو آهي ته ان جو مطلب آسمان ۾ وڏي اوچي شيءِ آهي جنهن تي مان سخت بي چين ٿي ويندي هيس ۽ آسمان طرف ڏسندي هيس ته مونکي ستارا نظر ايندا هئا جنهن تي مان چوندي هيس ته مان هڪ ستارو آهيان پر مان حقيقت ۾ سمجهي وئي آهي ته اسٽار بڻجڻ لاءِ گهڻي محنت ڪرڻي پوي ٿي ۽ مان ته اڃا ابتدا ۾ آهيان.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *