ماضيءَ جي ڪري بالي ووڊ ۾ ڪنهن ايوارڊ لاءِ پنهنجي نامزدگي يا ايوارڊ ملڻ جي ڪا توقع نه آهي: سني ليون

نئين دهلي(شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪار سني ليون چيو آهي ته کيس پنهنجي ماضيءَ جي ڪري بالي ووڊ ۾ ڪنهن ايوارڊ لاءِ پنهنجي نامزدگي يا ايوارڊ ملڻ جي ڪابه توقع ناهي. ڀارتي ميڊيا رپورٽن مطابق 33 ساله اداڪاره پنهنجي هڪ تازي انٽرويو ۾ چيو ته انڊسٽريءَ ۾ ڪافي اهڙا ماڻهو آهن جيڪي کيس پسند نٿا ڪن ۽ اهي نٿا چاهين ته هن کي ايوارڊ ڏنو وڃي. مونکي ايوارڊ جي تقريبن ۾ وڃڻ سٺو لڳندو آهي ۽ ڊينيئل ويبر پڻ ايوارڊ شوز ۾ شريڪ ٿيڻ پسند ڪندو آهي. هن چيو ته ٻين اداڪارن کي ايوارڊ وٺندو ڏسي کيس خوشي ٿيندي آهي ۽ کيس ايوارڊن جي حوالي سان ڪڏهن حسد ناهي ٿيو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *