لاهور واقعي پٺيان ڪير ملوث آهي …؟؛محمد رضا

لاهور شهر جي اندر ٻن گرجا گهرن ۾ آپگهاتي حملا 15 ماڻهن جي مارجي وڃڻ کانپوءِ ٻن ڄڻن کي زندهه ساڙي ماري ڇڏڻ وارو قصو ڪيئن آهي ۽ اهو ڪهڙي طرف ڏي وٺي وڃڻ جو اشارو ٿو ڪري. انهيءَ معاملي ۾ ڪي هٿ ملوث آهن يا اهو عام رواجي ۽ ڏک افسوس واري صورتحال ۾ ٿيڻ ڪو اتفاقي واقعو ئي هيو؟لاهور جي ماڻهن لاءِ چيو ويندو آهي ته هو زنده دلان لاهور آهي هتي جا ماڻهو زندهه دليون رکندا آهن.مغل بادشاهن جي نقش جو چٽو مثال بڻيل لاهور شهر جتي جي هر ٻئي پاسي مغلن جا باغ باغيچا شاهه جهاني طرز جون عمارتون ۽ وري انهيءِ ئي شهر جي اندر داتا درٻار جتي حضرت علي هجويري المعروف داتا سرڪار جو فيضان عام آهي پر بدقسمتي سان گذريل ڏينهن وارو واقعو ائين ئي پيش ايندو رهيو جيئن ئي اڳ ۾ پوري ملڪ جي اندر دهشت گردي جا واقعا رونما ٿيندا رهيا آهن.ائين ناهي ته ڪو هي واقعو پهريون هجي پر ان کان اڳ ۾ لاهور جي شهر ۾ حضرت داتا سائين رحمت الله عليه جي دربار مٿان به ڪن عقل جي انڌن شريعت جو مذاق اڏائيندڙن انساني جانين جا ويري دشمن بم خود ڪش حملا ڪري ماڻهن کي ماريو وڃي ٿو.ائين ئي وري ڪراچي جي اندر حضرت عبدالله شاهه غازي رحمت الله عليه سميت ٻين جاين تي ڪامل بزرگن جي مزارات درگاهن جي بي حرمتي ڪئي وئي آهي ۽ بي گناهه ماڻهن کي رت ۾ وهنجاريو ويو آهي.تازو واقعو جيڪو لاهور جي اندر عيسائي برادري سان ٿيو آهي انهيءَ واقعي تي سڀني ڌرين کي انتهائي ڏک ۽ افسوس آهي.يوحنا آباد جي ڪيٿولڪ چرچ يا ڪراسٽ چرچ جي مٿان جيڪو خودڪش حملو ٿيو آهي انهيءَ تي پوري ملڪ جو عوام به سندس سان برابر ڏک ۾ شريڪ آهي.سمجهو وڃي ته جيڪي اهي ڪاروايون ڪري وڃن ٿا اهي واقعو ڪري پاڻ ئي ٻڌائن ٿا ته اسان جو ڪالعدم تنظيم تحريڪ طالبان پاڪستان جي ذيلي تنظيم جماعت الاحرار سان آهي ۽ کلي نموني واقعي جي ذميواري قبول ڪن ٿا ته پوءِ لاهور جي مشتعل ماڻهن جي اها ڪاروائي ڪيئن ٿئي ٿي؟ اتي موجود مسيحي برادري جي اڳواڻ اشتياق گل جو چوڻ آهي ته هي سڄو فساد جهيڙو ڊنڊا بردار ماڻهن کي اڳتي آڻڻ وارو عمل صرف ۽ صرف اين جي اوز جو ڪرايل آهي.ان جو چوڻ آهي ته يوحنا آباد جا رهواسي پر امن آهن پر ٻاهران آيل نوجوان جيڪي اين جي اوز جي اشاري تي هنگامو فساد شروع ڪري ڏنو.هي اهي اين جي اوز وارا آهن جيڪي اهڙن واقعن جون تصويرون ۽ ويڊيو مغربي ملڪن کي ڏيکاري انهن کان فنڊ حاصل ڪندا آهن.يقينن انهيءَ ٻن ڄڻن بي گناهه ماڻهن جو ڪهڙو ڏوهه هيو جو انهن کي تشدد سرن،پٿرن ۽ لوهي سيخن سان ڪري اڌ مئو بڻائي ماري ماري رت ۾ ڳاڙهو ڪرڻ بعد وري پيٽرول مٿان هاري انهن کي باهه ڏني وئي. اسان مان ڪو به ائين نه چوندو ته ڪو ڪنهن کي ائين ساڙي ماري ڇڏي جيڪڏهن ائين ٿيو ته پوءِ قانون جي رٽ قائم نه ٿي سگهندي.ڇڙواڳي قائم ٿيڻ سان پوءِ هر هڪ روڊن تي ئي فيصلا ڪرڻ لڳندو جنهن سان بي گناهه ۽ گهنگار جو ڪيئن پتو لڳي سگهندو؟خدارا هن ملڪ کي ائين دهشت،وحشت ۽ سفاڪي جو جنجال پڻو نه بڻايو وڃي پر ڪو لحاظ ڪو طور طريقو قانون جي پاسداري قائم ڪرڻ ڏني وڃي.هر صورت ۾ دهشت گردن کي ڏنگيو وڃي اهي ڪيڏا به با اثر ڇو نه هجن انهن کي قانون جي مطابق ڪورٽن ۽ دهشتگردن کي فوجي ڪورٽن ۾ آندو وڃي.تحريڪ طالبان سميت جيڪي به ڪالعدم تنظيمون آهن انهن سان ڪا به رعايت نه ٿيڻ کپي جيڪي به سياسي جماعت ۾ دهشتگرد آهن انهن جو به خاتمو ٿيڻ کپي ڪا به مفاهمت مذاڪرات جي ٻولي نه ٿيڻ کپي. سياست جا ڪي اصول ۽ ضابطا به واضع ٿيڻ کپن. عسڪري هٿيار بند ڌاڙيل چور ته ٿي سگهن ٿا پر اهي ڪڏهن به سياستدان نٿا ٿي سگهن.اسان جي ملڪ ۾ مسجديون،مدرسا، امام بارگاهه،مندر ۽ چرچ محفوظ ناهن ٻيو ته ٺهيو پر هتي ته معصوم ٻارڙن جا تعليمي ادارا،اسڪول،ڪاليجون ۽ يونيورسٽيون پڻ محفوظ ناهن ان لاءِ دهشتگردن کي ڪا به رعايت نه ملڻ کپي انهن جا ڪيس فوجي عدالتن ۾ هليا وڃن.

(نوٽ: ليکڪ جي راءِ سان اداري جو متفق هجڻ لازمي ناهي)

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *