فيصل خان ڪشمير جي موضوع تي ٺهندڙ فلم ذريعي بالي ووڊ ۾ ٻيهر انٽري جي ڪوشش ڪندو

ممبئي(شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪار فيصل خان ڪشمير جي موضوع تي ٺهندڙ فلم ”چنار- داستان عشق“ ذريعي بالي ووڊ ۾ ٻيهر انٽري جي ڪوشش ڪندو. ڀارتي ميڊيا مطابق فيصل خان گذريل سال کان بالي ووڊ کان پري آهي جڏهن ته هن ڪشمير جي موضوع تي ٺهدنڙ فلم ۾ ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي. ان فلم ۾ سندس مرڪزي ڪردار ”جمال“ جو آهي. فلم هلندڙ سال مئي ۾ رليز ٿيندي، فلم جي شوٽنگ سري نگر ۾ ٿي رهي آهي. فلم ۾ ڪشمير جي ثقافت ۽ خوبصورتي ڏسڻ ۾ ايندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *