فواد خان نئين فلم ۾ ايڪشن هيرو طور نظر ايندو

ممبئي (شوبز نيوز)اداڪار فواد خان پنهنجي ايندڙ فلم ۾ ايڪشن هيرو طور نظر ايندو. ذريعن مطابق بالي ووڊ جي فلم خوبصورت ۾ ڪم ڪندڙ پاڪستاني اداڪار فواد خان پاڪ ڀارت لاڳاپيل پروڊڪشن فلم ٺاهڻ جو ارادو ڪري چڪو آهي جنهن ۾ هو پاڻ ايڪشن هيرو نظر ايندو. فواد خان مطابق هو فلمن ۾ مختلف قسمن جا ڪردار ڪرڻ پسند ڪندو آهي ۽ ايڪشن هيرو بڻجڻ لاءِ هن کي پنهنجو وزن وڌائڻو پوندو. فواد چيو ته هن کي شوگر جي بيماري آهي ان لاءِ هو پنهنجي خوراڪ محتاط طريقي سان استعمال ڪندو آهي ته جيئن صحتمند ۽ چست رهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *