فواد خان فلاحي ادارن جي لاءِ پيسه گڏ ڪرڻ جو ارادو ڪري ڇڏيو

ممبئي(شوبزنيوز)ڀارتي ميڊيا مطابق فواد خان پاڪستان ۾ موجود فلاحي ادارن  لاءِ پيسه گڏ ڪرڻ جي لاءِ آمريڪا ڏانهن  روانو ٿي ويو آهي، جنهن کان پوءِ هو ڪئناڊا ويندو، جتي اداڪار مختلف سرگرمين جي ذريعي رقم گڏ ڪندو، ذريعن جي مطابق پاڪستاني اداڪار شوڪت خانم اسپتال ۽ لاهور جي ريسرچ سينٽر سميت مختلف فلاحي ادارن  لاءِ پيسه گڏ ڪرڻ جو ارادو ڪيو آهي، فواد خان پنهنجي اداڪاري سان نه صرف پاڪستان ۽ ڀارت ۾ مشهور آهي،پر آمريڪا ۽ ڪئناڊا ۾ به ان جا هزارين مداح آهن، جيڪي ان جي هڪ جهلڪ ڏسڻ لاءِ بيتاب آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *