فن کي سماج ۾ تبديلي لاءِ استعمال ڪري سگهجي ٿو: شبانه اعظمي

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ جي ليجنڊ اداڪاره شبانه اعظمي چيو آهي ته فن کي سماجي تبديلي لاءِ استعمال ڪرڻ جي ضرورت آهي. پنهنجي هڪ تازي انٽرويو ۾ هن چيو ته فن هڪ اهڙي شئي آهي جنهن کي اسان استعمال ڪري سماج ۾ بهتر تبديلي آڻي سگهون ٿا. هن چيو ته جيڪڏهن مڪمل انٽرٽينمنٽ پيڪيج فلم بڻائي پئي وڃي ته فلمسازن کي انٽرٽينمينٽ فلم جو مطلب به خبر هجڻ گهرجي. جنهن جي عڪاسي سندن فلم ڪري ته جيئن ماڻهو صحيح معنيٰ ۾ تفريح ماڻي سگهن فلم به ڪامياب رهي. هن چيو ته هوءَ 24 آگسٽ کان فلم ”هيپي برٿ ڊي سنيا“ جي شوٽنگ جي سلسلي ۾ لنڊن ۾ آهي ۽ هتي هڪ فليٽ ۾ رهي ٿي جتي هوءَ پنهنجا سمورا ڪم پاڻ ڪري ٿي ۽ اهو سندس نئون ۽ دلچسپ تجربو آهي. اها فلم جلد سينيما گهرن ۾ نمائش لاءِ پيش ڪئي ويندي

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *