فلم ”پي ڪي” چئن ڏينهن ۾100 ڪروڙ کان وڌيڪ بزنس ڪري ورتو

ممبئي(شوبز نيوز)تازو رليز ٿيل بالي ووڊ فلم ”پي ڪي” چئن ڏينهن ۾100 ڪروڙ کان وڌيڪ جو بزنس ڪري ورتو. ڀارت جي سڌ سماءَ وارن ذريعن مطابق ”پي ڪي” جنهن جي مرڪزي ڪاسٽ ۾ عامر خان، انوشڪا شرما،بومن ايراني ۽ سوشانت سنگهه راجپوت شامل آهن،چئن ڏينهن ۾ 100 ڪروڙ کان وڌيڪ رقم ڪمائي آهي. هيل تائين ان فلم جو بزنيس 117 ڪروڙ رڪارڊ ڪيو ويو آهي. هوڏانهن انوشڪا شرما ٽوئيٽر تي پنهنجي پيغام ۾ چيو ته رڳو چئن ڏينهن ۾ فلم جي بزنس جي شرح ڏسي هوءَ جذباتي ٿي روئي ويٺي ته فلم جي سڄي عملي جي محنت رنگ لاٿو. مداحن فلم کي بي حد پسند ڪيو آهي. فلم جي سينيما گهرن ۾ شاندار نمائش جاري آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *